ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پاران ڪارپوريٽ فارمنگ، پاڻي تي ڌاڙي سميت ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف حافظ نعيم الرحمٰن جي صدارت ھيٺ ڪراچي ۾ ڪانفرنس سڏائڻ ۽ هر ڊويزن ۾ جلسا ڪري جدوجهد تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته درياءَ بچايو تحريڪ تحت 18 مئي تي باغ جناح ڪراچي ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ ڀرپور شرڪت جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ھيڊ ڪوارٽر قباء آڊيٽوريم ۾ صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ جي هنگامي اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ سي سي آءِ اجلاس کان پوءِ جي حالتن جو جائزو وٺي پنھنجي وسيلن جي مالڪي توڙي سنڌ جي جائز حقن جي تحريڪ کي تيز ۽ دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو ته ڪئنالن جي مسئلي تي سنڌ واسين پرامن ۽ ڀرپور احتجاج ذريعي پنهنجو سياسي شعور ڏيکاريو آهي. عوام جي ڪوششن سان وقتي طور ئي سھي سنڌ دشمن منصوبو پٺتي ڌڪجي ويو، پر سازشون اڃا ختم نه ٿيون آهن.ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري ماڻهن کي حق حاڪميت کان محروم ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڪئنالن جي مسئلي کان به وڌيڪ خطرناڪ منصوبو آهي. هن چيو ته پرڏيهي ادارن کي زمين ڏيڻ قومي خودمختياري تي به سوال اٿاري ٿو. حقيقت ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ صرف لفظ نه، پر سنڌ جي سوديبازي آهي.ان منصوبي ۾ گورک هل، ننگر پارڪر، هاليجي ڍنڍ، سنڌ جي ڪيٽل فارم،ٺٽو ۽ بدين ۾ ڇينگا فارمن سميت هزارين ايڪڙ زمين شامل آهي. ان سان گڏ مٽياري ۽ ڄامشورو جي هڪ لک اٺ هزار ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين به پرڏيهي ڪمپنين حوالي ڪرڻ جي تياري جاري آهي.عوامي ردعمل کان پوءِ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت هاڻي ان کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو نالو ڏئي رهي آهي. سنڌوءَ تي ڪئنال اڏڻ کان وٺي ڪارپوريٽ فارمنگ تائين انهن مڙني سنڌ دشمن منصوبن جي پويان پيپلزپارٽي جو ڪردار مجرماڻو۽ سهولتڪاري جو رهيو آهي، تنهنڪري تاريخ ۽ سنڌ جا ماڻهو هن قومي مجرم پارٽي کي ڪڏهن به معاف نه ڪندا. عوام بيدار ۽ پنھنجي وسيلن جي مالڪي واري جدوجهد لاءِ تيار رھي.










