ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب اڄ قومي ايئر لائن جون اسڪردو ۽ گلگت لاءِ سڀئي 10 پروازون رد ڪيون ويون آهن.فلائيٽ شيڊول موجب، ڪراچي ۽ لاهور کان اسڪردو لاءِ 2-2 پروازون رد ڪيون ويون آهن.ايئرپورٽ اختيارين جو چوڻ آهي ته اسلام آباد کان اسڪردو لاءِ 2 پروازون ۽ اسلام آباد کان گلگت لاءِ 4 پروازون پڻ رد ڪيون ويون آهن. ايئرپورٽ ذريعن موجب، اسلام آباد کان اسڪردو لاءِ 2 خانگي ايئر لائن جي پروازن جي حيثيت پڻ غير يقيني آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي سببن جي ڪري پروازون رد ڪيون ويون آهن.










