ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو آھي ته پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته سنگين صورتحال ۽ قومي يڪجهتي جي ضرورت کي ڏسندي حڪومت فوري طور تي اي پي سي گھرائي، فوج جي ايمان، جهاد، ۽ تقوى جي نعري هيٺ سڄي قوم کي فوجي تربيت ۽ جذبي لاءِ تيار ڪيو وڃي.پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته بزدل دشمن، اڳ وانگر وري هڪ ڀيرو ٻيھر رات جي اونداهيءَ ۾ حملا ڪيا ۽ مسجدن سميت سول آباديءَ کي نشانو بڻايو، جيڪو سندن انتهائي گهٽيا ۽ بزدلانه ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿو. ڀارت کي وڌيڪ سبق سيکارڻ ۽ پاڪستان جي شهه رڳ ڪشمير جي آزادي هاڻ ناگزير بڻجي چڪي آهي. پاڪستاني قوم مڪمل طور تي متحد آهي ۽ ڀارت جي بزدلانه حرڪتن جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.هن شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته شهيدن جو رت ضايع نه ويندو، ڀارت کان شهيدن جي رت جي هر ڦڙي جو حساب ورتو ويندو. صوبائي امير ڪراچي کان ڪشمور تائين جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي قومي رضاڪار بڻجڻ جي تياري جي هدايت ڪئي ۽ الخدمت جي قيادت کي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ کي سرگرم رکڻ جو حڪم ڏنو.هن چيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۾ هر شهري لاءِ فوجي تربيت لازمي قرار ڏني وڃي. اسرائيل، سنگاپور سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ هر شهري لاءِ فوجي تربيت لازمي آهي، پاڪستان ۾ به اهڙو قانون فوري طور تي صدارتي آرڊيننس ذريعي لاڳو ڪيو وڃي.










