پاڪستان ۾ پوليو جا ٻه نوان ڪيس رپورٽ

پاڪستان ۾ پوليو جا ٻه نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ پوليو جا 2 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، اختيارين سنڌ جي علائقي قمبر ۽ پنجاب جي منڊي بهاءُ الدين ۾ پوليو جي ڪيسن جي تصديق ڪئي آهي.هن سال جو ٽيون پوليو ڪيس سنڌ ۾ ۽ پهريون پنجاب ۾ رپورٽ ٿيو آهي، جنهن سان هن سال پوليو ڪيسن جو ڪل انگ پنج ٿي ويو آهي. ياد رهي ته گذريل سال ملڪ ۾ پوليو جا 74 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا، جن مان 27 بلوچستان، 22 ڪي پي ڪي ۽ 23 سنڌ مان رپورٽ ٿيا هئا. ان کان علاوه گذريل سال پنجاب ۽ اسلام آباد مان پوليو جو هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو