اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ آذربائيچان وچ ۾ واپار، توانائي، مائيننگ، انفرا اسٽرڪچر۽ دفاعي پيداوار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، آذربائيجان پاڪستان جي مختلف رٿائن ۾ 2 ارب ڊالر سيڙپڪاري جو اعلان به ڪيو آهي. انهي حوالي سان ڪيترن ئي معاهدن ۽ ايم او يوز جا ڊرافٽ حڪ ٻئي حوالي ڪيا آهن ۽ ڌريون انهن جو جائزو وٺي اپريل ۾ صدر الهام عليوف جي اسلام آباد واري دوري دوران انهن تي صحيحون ڪري عملدرآمد شروع ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي راڄڌاني باڪو جي صدارتي محل ۾ صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، دفاع، موسمياتي تبديلي ۽ تعليم سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. تقريب ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن(ايم او يوز) تي صحيحون به ڪيون ويون. انهي موقعي تي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف چيو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ واپار ۽ اقتصادي شعبن کي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻا موقعا دستياب آهن. جڏهن ته اڄ جن منصوبن جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون آهن انهن کي هڪ مهيني ۾ حتمي صورت ڏينداسين. هن تازن معاهدن کي ٻنهي ملڪن جي لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. هن چيو ته اسين پاڪستان کان دفاعي هٿيار ورتا آهن جيڪي ڪوالٽي وارا آهن، اسين انهن مان مطمئن آهيون ۽ چاهيون ٿا ته گ_يل دفاعي پيداوار شروع ڪريون. وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ گڏيل مفاد جا منصوبا ٻنهي عوام لاءِ فائديمند ثابت ٿينديون. ٻنهي ملڪن ۾ طئي ٿيندڙ معاهدن کي هڪ مهيني ۾ حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان ۾ صدارتي محل پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، انهي موقعي تي انهن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو جڏهن ته ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا به وڄايا ويا.آذربائيجان جي صدر الهام عليوف وزيراعظم شهباز شريف کي صدارتي محل ۾ ڀلڪار چيو جتي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ اهم ڳالهيون ٿيون جن ۾ واپار، توانائي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون کلي وڌيڪ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي اچڻ جي موقعي تي راڄڌاني باڪو ۾ صدارتي محل جي ٻاهران گارڊ آف آنر جي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. انهي موقعي تي آذربائيجان جي اعليٰ اختياريون ۽ پاڪستاني وفد موسم جي خرابي باوجود تقريب ۾ موجود رهيا جتي معزز مهمانن جو پرجوش استقبال ڪيو ويو.وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، عطا تارڙ، عليم خان کان علاوه ٻيا وزير به شامل آهن. ياد رهي ته ڊسمبر 2024 ۾ جڏهن آزر بائيجان جي صدر پاڪستان جو دورو ڪيو هو ته ان وقت هن 306 ڪلوميٽر سکر حيدرآباد موٽر وي ۽ 136 ڪلوميٽر حيدرآاباد ڪراچي موٽر وي جي فنانسنگ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي هئي. ذريعن موجب ان ڏس ۾ اهم پيش رفت ٿي آهي ۽ اپريل ۾ باضابطه معاهدو ٿيڻ جو امڪان آهي.










