پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جون ڳالهيون اڄ ٻيهر شروع ٿينديون

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جون ڳالهيون اڄ ٻيهر شروع ٿينديون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ ورچوئل ڳالهيون اڄ ٻيهر شروع ٿينديون،ڳالهيون پگهاردار طبقي ۽ صنعتي شعبي کي رليف فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏينديون، ڳالهين ۾ نئين مالي سال لاءِ بجيٽ هدفن ۽ ممڪن قدمن تي پڻ بحث ڪيو ويندو،وفاقي ناڻي واري سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته نئين مالي سال جو بجيٽ 10 جون تي پيش ڪيو ويندو، ۽ قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس جي تاريخ تبديل ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو