ٽڪ ٽاڪ سميت چيني ايپس تي پابندي، ڀارت کي ڌچڪو

دھلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت پاران چين سان ھلندڙ ڇڪتاڻ بعد ملڪ اندر چيني ايپليڪيشنز تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته اھڙي عمل بعد ڀارت کي شديد مالي نقصان پھچي رهيو آهي. رپورٽ موجب چيني ايپليڪيشنز جديد فيچرز ۽ سھولتن سبب دنيا ۾تمام گهڻيون مشهور آهن. جنهن ۾ وڊيوز شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ جو ھڪ وڏو نالو آهي جنهن ۾ صارفين جو انگ اربن تائين پهچايو آهي. ڀارت پاران پابندين بعد متبادل طور جيڪي ايپليڪيشنز صارفين کي استعمال ڪرڻ لاءِ مشورا ڏنا ويا تن ايپليڪيشنز کي شھرين پاران رد ڪري  انهن کي غير ضروري ۽ فضول قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ٻئي پاسي صارفين جي وڏي انگ حڪومتي فيصلن تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو آهي. ڪجهه طبقن جو پابندين جي حق ۾ ڳالهائيندي چوڻ آهي ته اسان پنهنجي ملڪ جي حفاظت لاءِ ھر قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون. ياد رهي ته ڀارتي حڪومت پريشاني ۾ مبتلا ٿي احمقاڻا فيصلا ڪري رهي آهي. ڀارت پاران وڊيوز شيئرنگ ايپس ٽڪ ٽاڪ، بگ ليگي، ويگو وڊيوز، وي ميٽ، يو وڊيو ۽ ڪيترن ئي ٻين ايپليڪيشنز تي پابندي عائد ڪري متبادل طور صارفين کي چيو ويو آهي ته ھو مترن، بولو انڊيا، روپوسو، ڊپ ميش جھڙيون ڀارتي ايپس ڊائون لوڊ ڪن. انھيء جيان ٻيون به ڪيتريون ڀارتي ايپس متبادل طور فراهم ڪيون ويون آهن پر تنهن باوجود صارفين پاران ناپسنديدگي  جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو