ٽيڪس چورن ۽ ناڻو لٽيندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي: شيخ

ٽيڪس چورن ۽ ناڻو لٽيندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي: شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته ٽيڪس چورن، انهن جي مدد ڪندڙ آفيسرن سان گڏوگڏ ملڪ جو خزانو لٽيندڙحڪمرانن خلاف به سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، قانون سڀني لاءِ برابر هجڻ کپي.ننڍن ۽ ڪمزور ماڻهن کي ته معمولي بجلي جو بل به نه ڏيڻ تي گرفتار ڪيووڃي ٿو، جڏهن ته سڄو ملڪ لٽيندڙ طاقتور پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا. ميڊيا رپورٽن مطابق پاڪستان ۾ هر سال پنج هزار ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ٿئي ٿي، جيڪا عام ماڻهو نه پر حڪمران طبقو ڪري ٿو.ملڪ جي خراب معيشت، مهانگائي، اسٽيل مل، ريلوي، پي آءِ اي ۽ ٻين ادارن جي نقصان جي ذميواري انهن حڪمرانن تي آهي، جن جا ڪاروبار ۽ اثاثا ته وڌي رهيا آهن. اهڙا چور وري فارم 47 ذريعي عوام مٿان مڙهيا وڃن ٿا. پانامه ليڪس کان وٺي عدالتن تائين انهن خلاف ڪرپشن جا ڪيس واضح ثبوت آهن. ملڪ ۾ ٻه پاڪستان آهن.هڪ غريبن لاءِ ۽ ٻيو طاقتور اشرافيا لاءِ.ملڪ جو خزانو لٽي ٻاهرين ملڪن ۾ اثاثا ۽ محل ٺاهيندڙ ملڪ ۽ قوم جا وفادار نه ٿا ٿي سگهن. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ پيپلزپارٽي جي اسيمبلي ميمبرن طرفان اثاثن جي ظاهر ڪرڻ جي مخالفت واري ترميمي تجويز کي هن “چور جي ڏاڙهي ۾ تنڪو” قرار ڏيندي چيو ته جيتوڻيڪ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل اثاثا به اڌورا هوندا آهن، جنهن ڪري ڪيترن ئي ميمبرن کي سيٽ وڃائڻيون پيون، پوءِ به اثاثا لڪائڻ ۽ اليڪشن ڪميشن تي بي اعتمادي جي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي.عوام کي ڄاڻڻ گهرجي ته سندن نمائندو چونڊ کان اڳ ۽ پوءِ ڪيترا اثاثا رکي ٿو. ڪاشف سعيد شيخ چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ ڪرپشن سبب عوام لاءِ مهانگائي ۽ بيروزگاري جو عذاب وڌي ويو آهي. هاڻ ملڪ مان مافيا جي سياست ختم ڪرڻي پوندي، 76 سالن ۾ عوام سڀ حڪومتون آزمائي چڪا آهن، ڪا به حڪومت ملڪ يا عوام جي حالت نه سڌاري سگهي آهي.#

پهنجو تبصرو موڪليو