ٽوئٽر ۽ فيس بُڪ سياسي پروپيگنڊا ڪندڙ اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڪجهه ڏينهن کان فيس بُڪ ۽ ٽوئيٽر سياسي موضوعن تي غير لازمي مضمون ۽ پروپيگنڊا ڪندڙ 6 هزار جي لڳ ڀڳ اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا آهن. فيس بُڪ ۽ ٽوئيٽر پنهنجي پليٽ فارم کي سياسي مقصدن لاءِ استعمالڪرڻ تي ڀرپور تحقيق ڪرڻ کان پوءِ 6 هزارن ويجهو اڪائونٽس بند ڪيا ويا آهن. ان کان علاوهه لاتعداد پيچ، گروپس ۽ پوسٽن کي به بند ڪيو ويو آهي. ٻنهي ڪمپنين مطابق سڀ کان وڌيڪ پيج سعودي عرب کان بند ڪيا ويا آهن جن جو تعداد 5 هزار 929 کان وڌيڪ آهي. فيس بڪ سعودي عرب کان به 88 هزار اڪائونٽ ڏسي ۽ چيو ته اهي هر موضوع تي هڪ وڏي منفي پروپيگنڊا جو حصو هيا جنهن کي منظم طريقي سان هلايو ويندو هو. ان کان علاوهه جارجيا کان هلندڙ نيٽ ورڪ جي 39 فيس بڪ اڪائونٽ، 350 پيج، 13 گروپ ۽ انسٽاگرام جا 22 اڪائونٽ بند ڪيا ويا آهن. ويٽنام ۽ آمريڪا جي 620 اڪائونٽ، 89 فيس بڪ پيج ۽ انسٽاگرام جا 72 اڪائونٽ بند ڪيا ويا آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سعودي عرب کان هلندڙ ٽوئيٽر ۽ فيس بڪ اڪائونٽ ۾ ايران ۽ قطر مخالف پيغامن جي ڀرمار هئي ڪيترن ئي هيش ٽيگ ۾ خاص طور امير قطر کي نامزد ڪيو ويو ۽ ان تي غلط طريقي سان تنقيد ڪئي وئي هئي. ٽوئٽر ايران سان تعلق رکندڙ 4779 اڪائونٽ به بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن ۽ فيس بُڪ مجموعي طور تي 800 صفحن ۽ 36 اڪائونٽ به بند ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو