ٽنڊي الهيار (ن س ) ٽنڊي الهيار ۾ دوستن ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. منصور ڪالوني ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ عدنان شاهه مارجي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو لڇمڻ ڀيل زخمي ٿي پيو. زخمي لڇمڻ ڀيل کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار عمران اوڏ کي گرفتار ڪري وٽانئس قتل ۾ استعمال ٿيل پسٽل پڻ هٿ ڪري ورتو.










