ٽرڪ ساڙڻ جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت منظور، آفاق وري گرفتار

ٽرڪ ساڙڻ جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت منظور، آفاق وري گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد کي ٻن ٽرڪ ساڙڻ جي ڪيسن ۾ ضمانت ڏئي ڇڏي آهي.ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ گذريل ڏينهن لانڍي ۽ ڪورنگي ۾ ٽرڪ ساڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران پوليس عدالت کي ٻڌايو ته آفاق احمد خلاف لانڍي ۽ عوامي ڪالوني پوليس اسٽيشنن ۾ ٻه ڪيس داخل آهن، جن ۾ هو گرفتار آهي.ٻڌڻي کان پوءِ عدالت آفاق احمد کي ٻنهي ڪيسن ۾ ضمانت ڏني ۽ کيس هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.جنهن بعد آفاق احمد جي وڪيل ٻڌايو ته پوليس سرجاني ٽائون ٿاڻي ۾ داخل ڊمپر کي ساڙڻ واري هڪ ٻئي ڪيس ۾ آفاق احمد کي 2 ڪيسن ۾ ضمانت بعد گرفتار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو