ٽرانسپورٽ کاتي جي ملڪيتي زمينن  تان قبضا خالي ڪرائڻ جو حڪم

ٽرانسپورٽ کاتي جي ملڪيتي زمينن تان قبضا خالي ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ کاتي کي سڄي سنڌ ۾ کاتي جي ملڪيتي زمينن تان قبضا خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آھي ته ٽرانسپورٽ کاتي جون سموريون زمينون فوري طور تي خالي ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ڪراچي ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ يلو لائن بي آر ٽي منصوبي جي ڪم ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ سيڪريٽري اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو، يلو لائن بي آر ٽي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ يلو لائن منصوبي جي مختلف ٽيڪنيڪي ۽ انتظامي چئلينجن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته يلو لائن منصوبي ۾ شامل پلن ۽ ڊيپوز جي تعميراتي ڪم جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته ٽرانسپورٽ کاتي جي ملڪيتي زمينن تي ٿيل قبضا جلد کان جلد ختم ڪرايا وڃن. هن سرڪاري ادارن طرفان ٽرانسپورٽ کاتي جي زمينن تي قبضي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي جي زمينن تي ڪجهه سرڪاري ادارن جو قبضو افسوس جوڳي ڳالھ آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته يلو لائن بي آر ٽي، ڪراچي موبلٽي پروجيڪٽ جو هڪ اهم حصو آهي، جنهن جو مقصد شهر جي ٽرانسپورٽ نظام کي جديد بڻائڻ آهي. هن چيو ته يلو لائن بي آر ٽي منصوبي جو اهم حصو، جام صادق پل، مقرر وقت کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو. سنڌ حڪومت پرعزم آهي ته ڪراچي واسين کي هڪ جديد ۽ اثرائتو پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم فراھم ڪيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته يلو لائن بي آر ٽي هڪ اهم عوامي ٽرانسپورٽ منصوبو آهي، جنهن جو مقصد شهرين کي جديد ۽ سستي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن سڀني لاڳاپيل ڌرين کي هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن منصوبو تيزيءَ سان مڪمل ٿي سگهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته يلو لائن بي آر ٽي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي جي ٽرانسپورٽ واري نظام تي پيل دٻاءُ گهٽجي ويندو ۽ مسافرن کي سهولت ملي سگهندي، حڪومت سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪري منصوبي کي مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اجلاس دوران پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي يلو لائن بي آر ٽي جي تازي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته منصوبي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ ان تي تعميراتي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. هن اجلاس کي آگاهي ڏني ته يوٽيلٽيز جي منتقلي بابت ڪجهه چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جن کي جلد کان جلد حل ڪيو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو