نوشهروفيروز( ڊ ر)ٽائون ڪاميٽي ۾ ملازم ويزا سسٽم مان بيزار ٿي پيا ايڊمنسٽريٽر ۽ ٽائون آفيسر خلاف احتجاج ، ٽائون جي مين گيٽ تي ڌرڻو ،آفيسرن خلاف نعري بازي ،ڳالهين لاءِ پهتل ٽائون آفيسر کي اندر وڃڻ نه ڏنو ،ملازمن ۽ ٽائون آفيسر ۾ منهن ماري هڪ ٻئي کي ٿيلها ڏنا خبر موجب ٽائون ڪاميٽي نوشهروفيروز جي ملازمن ايڊمنسٽريٽر عبدالغفور ڌامري ۽ ٽائون آفيسراسد الله سومرو پاران 5کان 7 هزارن عيوض 2 سوءُ کان مٿي ملازمن کي ويزا تي ڇڏ واري عمل کان پوءِ ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن کي روز روز پريشان ڪرڻ واري عمل کان پوءِ ٽائون ڪاميٽي نوشهروفيروز جي ملازمن ويزا سسٽم کان بيزار ٿي ساجد تڳر،معشوق چاچڙ،عبدالستارعمراڻي،نظام ابڙو،سرفراز رند،عبدالمجيدخانزاده ۽ ٻين ٽائون ڪاميٽي نوشهروفيروز ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪرڻ کان پوءِ ٽائون ڪاميٽي کي تالا هڻي مين گيٽ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ملاز ويزا سسٽم بند ڪيو ،عبدالغفورڌامراهه ۽ اسد الله سومرو کي هٽايو ٽائون ڪاميٽي نوشهروفيروز بچايو جا نعرا هڻندا رهيا ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ملازمن چيو ته 171 سينٽري ورڪرن ۽ 150 ٻين ملازمن سميت ٽائون ڪاميٽي نوشهروفيروز اندر ٽوٽل 321 ملاز آهن جن مان 2 سوءُ جي لڳ ڀڳ ملازمن کي ايڊمنسٽريٽرعبدالغفورڌامراهه ۽ ٽائون آفيسر اسد الله سومرو 5 کان 7 هزار في ملازم کان وٺي کين ويزا تي ڇڏي ڏنو آهي .جنهن جي ڪري باقي جيڪي ملازم ڊيوٽي ڪن ٿا انهن کي گهڻو ڪم ڪرڻ باوجود وقت تي پگهارون نٿيون ملن ۽ تازو وڌيل پگهارون به هن وقت تائين ناهن ڏنيون ويون ۽ ٽائون ڪاميٽي کي ماهوار هڪ ڪروڙ 10 لک سنڌ حڪومت پاران ملن ٿا جڏهن ته نوشهروفيروز شهر ۾ 2 سوءُ جي لڳ ڀڳ دڪان ٽائون ڪاميٽي جي ملڪيت آهن جن مان 10 لک جي لڳ ڀڳ مسواڙ ملي ٿي جنهن جو هن وقت تائين ڪو حساب ڪتاب نٿو ڏسيو وڃي ۽ آفسير سري عام ڪوڙا بل ٺاهي پيسا هضم ڪري ڇڏن ٿا پر ملازمن کي پگهارون وقت تي ڏئڻ جي لاءِ تيار ناهن جيڪو ملازم ايمانداري سان ڊيوٽي ڪري ٿو ان کي آفيس ۾ گهرائي چون ٿا ته ڊيوٽي نه ڪر اسان جي اڪائونٽ ڪلارڪ سان وڃي مل ۽ ماهوار جئين ٻيا ملاز پگهار کڻن ٿا ائين اچي پگهار کڻ سڄي ٽائون ڪاميٽي کي ويزا سسٽم تحت تباهه ڪري ڇڏيو آهي.هوڏهن ٽائون آفيسر اسد الله سومرو جڏهن ٽائون وڃڻ جي لاءِ گيٽ تي پهتو ته ملازمن سندس گهيرو ڪري کيس اندر ٽائون ڪاميٽي وڃڻ کان جهلي ورتو جنهن تان ٽائون آفيسر۽ ملازمن ۾ منهن ماري ٿي پئي هڪ ٻئي کي وڌ گهٽ ڳالهائيندا رهيا










