ٽنڊوباگو(رپورٽ ڄام سھيل سمون) ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي ملازمن جي پگهارن مان في ملازم 2 کان 3 هزار روپيا ڪٽوتي ڪرڻ خلاف هڪ سئو کان وڌيڪ ملازمن پاران ٽائون ڪميٽي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي هڪ سئو کان وڌيڪ ملازمن پاران ٽائون آفيسر ۽ اڪائونٽ ڪلارڪ پاران ملازمن جي پگهارن مان في ملازم 02 کان 03 هزار روپيا ڪٽوتي ڪرڻ خلاف ايمپلائيز يونين جي اڳواڻن سخاوت بلوچ، عنايت انڙ، سليم ميمڻ ۽ حبيب پنهور جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائون آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي سخاوت بلوچ ۽ عنايت انڙ خطاب ڪندي چيو ته ٽائون ڪميٽي جي اڪائونٽ ڪلارڪ نبيل ميمڻ گوسڙو ملازمن کي مڪمل پگهار ۽ ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن جي پگهارن مان ناجائز ٻه کان ٽي هزار روپيا ڪٽوتي ڪئي آهي. هنن چيو ته هن مهنگائي جي دور ۾ غريب ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪرڻ غريب ملازمن جي وات مان ماني جو گره ڦرڻ جي برابر آهي. هنن گهر ڪئي ته پگهارن مان ڪيل ڪٽوتي واري رقم واپس ڪئي وڃي. رابطو ڪرڻ تي ٽائون ڪميٽي جي اڪائونٽ ڪلرڪ نبيل ميمڻ چيو ته ٽائون ڪميٽي جي قسط جي رقم گھٽ اچڻ ڪري ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪئي وئي آهي. ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي ٽائون آفيسر ارشاد علي هليو ٻڌايو ته اڳي 94 لک روپيا قسط ايندي ھئي پر پراڻي انتظاميا پاران فنانس کاتي مان لون کڻڻ سبب هاڻي 74 لک روپيا قسط اچي ٿي. ان شارٽ فال جي ڪري غير حاضر رهندڙ ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪئي وئي آهي. باقي ڪنهن ريگولر ملازم جي ڪٽوتي ٿي آهي ته ان کي پئسا واپس ڏنا ويندا.










