دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)صحافي فاروق ٻٻر جي معصوم پٽ شهيد عبدالڪريم ٻٻر جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ دادو ٻٻر قبيلا يوٿ ونگ ٻٻرقبيلا ايڪشن ڪميٽي، دادو عوامي اتحاد، پاڪستان ھيومن رائيٽس فورم ضلع دادو ۽ سياسي سماجي شهري سراپا احتجاج بڻيل دادو پريس ڪلب اڳيان سخت گرمي ۾ احتجاج پرامن مظاھرو ڪري ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڌرڻو ھڻي قاتلن کي ڦاھي ڏيو اڀ ڏاريندڙ نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن مولوي واحد بخش ٻٻر غلام قادر ٻٻر عبدالنبي ٻٻر سماجي اڳواڻ مجيب الرحمان پنهور محبوب سومرو نيازحسين سخيراڻي مدد علي ڪوريجو ۽ ٻين پنھنجي خطاب ۾ چيو ته سيوهڻ جي فيضان مدينه مدرسي ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويل دادو پريس ڪلب جي ميمبر فاروق ٻٻر جي 14 سالا پٽ شھيد عبدالڪريم ٻٻر کي وحشيت جوشڪار بڻائي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ان جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آھي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي ڦاھي جي سزا ڏني وڃي ته جيئن گلن جهڙن معصومن کي ڪو ٻيو وحشت جو نشانو نہ بڻائي سگھي.










