ٻٻرلوءِ ويجهو پوليس پاران ڪچي ۾ آپريشن، چوري ٿيل 6 مينهون هٿ

ٻٻرلوءِ ويجهو پوليس پاران ڪچي ۾ آپريشن، چوري ٿيل 6 مينهون هٿ

سکر (ن س )ٻٻرلوءِ ويجهو پوليس پاران ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن دوران چوري ٿيل 6 مينهون هٿ ڪيون ويون. پوليس 3 ڏينهن اڳ ڳوٺ جنڊاڻ مان چوري ٿي ويل 6 مينھون ھٿ ڪري ٻٻرلوءِ واسي ٻانھون جنڊاڻ حوالي ڪيون ويون. پوليس جو چوڻ هو ته ڏوهاري چوپايو مال ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ منتقل ڪري رهيا هئا، جنهن دوران پوليس پهچڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي. پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ جوابدار چوپايو مال ڇڏي فرار ٿي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو