سکر (بيورو رپورٽ) وڪيل ايڪشن ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ وڪيل اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سڀن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو وڪيل اڳواڻ سرفراز ميتلو چيو ته سڀن بار ڪائونسل جا ٿورائتا آهيون جن سپورٽ ڪئي،وفاق سي سي آئي فيصلو جاري ڪيو سڀن ڪينالن کي رد ڪيو ويو آهي،ارسا جو سرٽيفيڪيٽ سبب ملڪ ان حالت ۾ پهتو ان جو ارسا ذميوار آهيان سڀن صوبن جي مهرباني جن سي سي آئي ۾ سپورٽ ڪئي، هاڻ ڪا اسڪيم قبول نه ٿيندي جيستائين سنڌ نه چاهيندو،زمين مامري تي ڪميٽي ٺاهي آهي قربان ملاڻي ءٍ ٻين سان سنڌ حڪومت رابطي ۾ آهي،ڪميٽي ملندي انهن سان ملندي،ڌرڻو جاري آهي، قمون شهيد، گولا موڙ، ملير سميت ٻين ڌرين ۾ ڌرڻا ختم ڪيا وڃن ٻٻرلو ڌرڻو جاري آهي،ٻٻرلوءِ ڌرڻي بابت فيصلو ڪميٽي حڪومت جي وفد سان ملاقات ڪري اڄ شام ٻڌائيندي ته ڌرڻو جاري رهندو يا نه، پريس ڪانفرنس کي عامر نواز چيو ته وفاق جي ڪيل فيصلي جي آجيان ڪيون، خدشا ضرور آهن ڪارپوريٽ فارمنگ جي چڪر ۾ واهه ڪڍيا پئي ويا ان ڪري هاڻ زمينون واپس ڪيون وڃن،ٽيه اپريل کان سڀ بائيڪاٽ ختم ڪيا ويا آهن، هي وڏي فتح آهي، پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ قدم کنيا وڃن










