ٺٽو (ن س)ڌاٻيجي لڳ ٺٽو ڪراچي قومي شاهراه ڊيول ڪيرج روڊ جي مرمت سبب ھڪ طرفي روڊ جي ٽريفڪ جي ڪري خوني حادثا روز جو معمول بڻيل ضلعي انتظاميا ٽريفڪ پوليس ۽ نيشنل ھائي وي اٿارٽي جا افسير ننڍ ستل ڌاٻيجي لڳ ڪراچي ٺٽو نيشنل ھائي وي تي ٻن ڪارن وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ گذريل 10 کان پندرنھن ڏينھن اڳ گهوٽ بڻيل نوجوان شاھزين ھنڱورو ۽ سندس ماءُ ياسمين, اظھارالحسن, ۽ امتياز فوت, فوت ٿيندڙ نوجوان گھوٽ شاھزين ھنڱورو ٺٽي جي مشھور ٺيڪيدار ڪاڪا شبير ميمڻ جي ڀيڻ جو پٽ نوجوان شاھزين ھنڱورو ٻن ڪارن جي ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سڙي وڃڻ ڪري فوت ٿي ويا جڏھن تـ سندن گهر جا 5 ڀاتي سخت زخمي سندن حالت ڳڻتي جوڳي گهوٽ شاهزين هنڱورو ڪجھ ڏينهن اڳ شادي ڪئي هئي سندس ڪنوار ٺٽي ۾ پنهنجي مائٽن وٽ رهندڙ ھئي جنهن کي وٺڻ لاء پنهنجي ماءُ ۽ فيملي سان گڏ ڪراچي کان ٺٽي ويندي حادثي جو شڪار ٿيو ٻي ڪار ۾ سوار 5 ڄڻا پڻ سخت زخمي ٿيا آھن جن کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آھي: ايس ايڇ او ڌاٻيجي مبين پرهياڙ موجب ٻنهي ڪارن ۾ خوفناڪ حادثي جو سبب ٺٽو ڪراچي قومي شاهراه تي هلندڙ مرمت جو ڪم سست رفتاري سان هجڻ آھي ڪيترن ئي ڏينهن کان قومي شاهراه جو هڪ حصو تعميراتي ڪمپني پاران مرمت بهاني بند ٿيل آھي ضلعي انتظاميا ۽ ريسڪيو 1122 جي نااھلي سبب حادثي بعد هڪ ڪلاڪ تائين ريسڪيو ٽيمون توڙي فائر برگيڊ جون گاڏيون نه پھچي سگھيون مقامي ماڻھن همت ڪري فوتين ۽ زخمين کي ڪڍي اسپتالن تائين پهچايو










