ٺري ميرواھ  ۾ صحافي جي گھر تي حملو، 5 ڄڻا زخمي

ٺري ميرواھ ۾ صحافي جي گھر تي حملو، 5 ڄڻا زخمي

ٺري ميرواھ(ن س) ڳوٺ ڍيڍاڻو ۾ برادريءَ جي ماڻھن پاران صحافي جي گھر تي حملو، 5 ڄڻا زخمي، ٺري ميرواھ تعلقي جي ڳوٺ ڍيڍاڻو ۾ صحافي دوست محمد سومرو جي گهر تي سندس ئي برادريءَ جي ماڻهن هٿيارن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ صحافي پاڻ، سندس والد سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.زخمين کي فوري طور ميرواھ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته وڌيڪ طبعيت خراب ٿيڻ سبب کين خيرپور جي سول اسپتال رفر ڪيو ويو. واقعي بابت رپورٽ ميرواھ ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي، پر پوليس طرفان اڃا تائين ڪا به گرفتاري يا اثرائتي ڪارروائي عمل ۾ نه آئي آهي، جنهن سبب متاثر خاندان ۾ بيچيني ۽ خوف جي لهر ڇانيل آهي.متاثر صحافي دوست محمد سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندس برادريءَ جي ماڻهن، جن ۾ ممتاز سومرو، الھوسايو، رمضان، ۽ ياسين سومرو شامل آهن، ڊنڊن ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته حملو ڪندڙن سندس والد جي ٻانهن ڀڃي وڌي ۽ کيس ڪهاڙين سان وار ڪري سخت زخمي ڪيو.هن اعليٰ اختيارين، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ۽ ايس ايس پي خيرپور کان پرزور اپيل ڪئي آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ۽ متاثر خاندان کي انصاف سان گڏ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو