صحافي اي ڊي شر جو وحشيانو قتل، قاتل گرفتار ،ڏوهه جو اعتراف

صحافي اي ڊي شر جو وحشيانو قتل، قاتل گرفتار ،ڏوهه جو اعتراف

ٺري ميرواھ : (ن س)صحافي اي ڊي شر کي بي دردي سان قتل ڪري سندس لاش فصل مان هٿ آيو، جنھن بعد لاش کي سئي گئس چوڪ تي رکي سکر-نوابشاهه روڊ بند ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد پوليس قاتلن کي گرفتار ڪري ورتا،ڌرڻي ۾ خيرپور ضلعي جا صحافي، مختلف صحافتي تنظيمون ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مقتول جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته “اي ڊي شر کي بي رحمي سان قتل ڪري لاش کي فصل ۾ اڇلايو ويو، اطلاع ملڻ تي لاش کي اسپتال منتقل ڪري پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، جنهن بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي پاسي ميرواھ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع تي فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ ورتو ويو. شڪ جي بنياد تي مقتول جي ويجھي دوست نياز بادامي کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. پوليس موجب، ايس ايس پي خيرپور واقعي جو نوٽيس وٺي جاچ جو حڪم ڏنو جنهن بعد اسان جلد ئي قاتلن کي گرفتار ڪري ورتو، واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي ۽ صحافين مطالبو ڪيو آهي ته قاتلن خلاف ڪيس داخل ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو