يوٽيوب جو ٻارن جي سوشل ميڊيا جي استعمال جي ڪيس ۾ ٺاهه

يوٽيوب جو ٻارن جي سوشل ميڊيا جي استعمال جي ڪيس ۾ ٺاهه

فلوريڊا: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست فلوريڊا سان تعلق رکندڙ هڪ گهٽ عمر واهپيدار (يوزر) گوگل جي ملڪيت واري يوٽيوب تي الزام لڳايو هو ته هي پليٽ فارم ٻارن ۾ ڊپريشن، بيچيني ۽ ننڊ جي ڪمي جهڙا مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي، جنهن کانپوءِ ڪمپني کي هڪ ٻئي قانوني چيلنج جو سامنا ڪرڻو پيو. يوٽيوب 15 سالن جي نوجوان پاران داخل ڪيل سوشل ميڊيا جي عادت (لت) بابت ڪيس ۾ ٺاهه ڪري ورتو آهي.ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ٻارن ۾ وڌندڙ ذهني صحت جي بحران کي هٿي ڏئي رهيا آهن. عدالتي دستاويزن ۾ نوجوان پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ بدران ’R.K.C‘ جا شروعاتي اکر استعمال ڪيا. سندس الزام هو ته يوٽيوب ۽ ٻين سوشل ميڊيا ڪمپنين پنهنجي پليٽ فارمز کي اهڙي نموني ڊيزائن ڪيو آهي جو واهپيدار انهن جا عادي ٿي وڃن. ان معاملي تي ردعمل ڏيندي گوگل جي ترجمان جوس ڪاسٽانيڊا چيو آهي ته هي معاملو خوش اسلوبي سان حل ڪيو ويو آهي ۽ اسان جو ڌيان اڃا تائين اهڙين عمر جي لحاظ کان موزون شين (پروڊڪٽس) ۽ والدين جي ڪنٽرول جي تياري تي آهي جيڪي ان واعدي کي پورو ڪن. آر ڪي سي ميٽا (فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي مالڪ ڪمپني)، ٽڪ ٽاڪ ۽ اسنيپ چيٽ خلاف پڻ ڪيس داخل ڪري رکيا آهن، جن جي ٻڌڻي 27 جولاءِ کان لاس اينجلس ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. هي ڪيس ڪيليفورنيا ۾ ٻڌڻي هيٺ اهڙي نوعيت جي 1 هزار کان وڌيڪ ڪيسن جي سلسلي ۾ ٻيو اهم ٽرائل هوندو، جن جي نگراني لاس اينجلس سپيريئر ڪورٽ جي جج ڪيرولين ڪوهل ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو