ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ملير علائقي ۾ زلزلي سبب جيل مان فرار ٿيندڙ وڌيڪ ٽن قيدين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جيل اختيارين موجب گرفتار ڪيل قيدين جو انگ 94 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 122 قيدي اڃا تائين مفرور آهن، ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ آپريشن جاري آهي. جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته فرار ٿيل قيدين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ گهرن تي ڇاپا پڻ هنيا پيا وڃن، ۽ جيڪي قيدي رضاڪارانه طور تي واپس ايندا انهن کي ڇوٽ ڏني ويندي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شاهه لطيف ٽائون ۾ جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پوليس مقابلو، قتل جي ڪوشش ۽ ڦرلٽ سميت دهشتگردي جون دفعات داخل ڪيون ويون آهن.










