وڌندڙ بدامني جي صورتحال تي ڪانفرنس طلب

وڌندڙ بدامني جي صورتحال تي ڪانفرنس طلب

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهر ۾ حادثن ۽ امن امان جي معاملي تي ڪانفرنس گهرائي ورتي آهي.رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان گهرايل ڪانفرنس ۾ سياسي پارٽين سميت پوليس جون اعليٰ اختياريون به شريڪ ٿينديون. سنڌ جي وڏي طرفان گهرايل ڪانفرنس ۾ ٻين پارٽين سميت ايم ڪيو ايم به شرڪت ڪندي جنهن ۾ فاروق ستار، علي خورشيدي، طحه احمد ۽ ٻيا شرڪت ڪندا. انهي حوالي سان ڳالهيون ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو ته سنڌ جي وڏي وزير خاص طور تي گهرايو آهي، ڪانفرنس ۾ ڊمپر حادثن ۽ انهي بابت مسئلن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.ذريعن ٻڌايو آهي ته اي اين پي ۽ ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن جو به ڪانفرنس ۾ شرڪت جو امڪان آهي. ياد رهي ته ڪراچي ۾ تازو ئي پيش ايندڙ هيوي ٽريفڪ جي حادثن ۾ ڪيترائي شهري فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي شهرين طرفان واٽر ٽينڪر ۽ ڊمپر ساڙڻ جا واقعا به پيش آيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو