ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪي ايم سي جي مکيه شاهراهن تي هڪ طرفي ٽريفڪ جي خلاف ورزي تي 15,000 رپيا جرمانو لاڳو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.ان حوالي سان ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر جي وارڊن پاران ون وي ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي جرمانو لڳايو ويندو.ڪراچي جي ميئر جو چوڻ آهي ته ون وي خلاف ورزين تي ڏنڊ بابت قرارداد ايندڙ ڪائونسل اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.هن چيو ته ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي کي روڪڻ ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ قدم کنيا ويا آهن، ۽ ٽريفڪ کي بهتر بڻائڻ ۽ حادثن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ ضروري آهن.مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي شهرين کي اپيل ڪري ٿي ته اهي ٽريفڪ قانونن جي پاسداري ڪن ۽ شهر ۾ محفوظ سفر کي يقيني بڻائڻ لاءِ انتظاميا سان تعاون ڪن.










