وليم خوش ڪيٽ ڪنفيوز، ايندڙ سال مڊلٽن جو آهي، نجومي

عمر ڪوٽ (ن س) شھزادی ولیم جی برج ثور ۾ سعد اسٽار مشتری داخل رھڻ ڪري شخصی طور تی2019 هن لاءِ بيحد خوشگوار سال رهيو ۽ رهندو. جڏهن ته شھزادی ڪيٽ مڊلٽن جی برج ۾ مارچ 2019 کان نحس اسٹار شمس پلس مریخ جی نظر جی ڪري ذھنی پريشاني ۽ ڪنفيوز رهي پئي.اهڙي اڳڪٿي ايسٽرولوجسٽ ڀڳوانداس جٽيا ڪئي آهي. ستارن جي چر پر بابت هندي جي مشهور لال ڪتاب جي آڌار تي ڪيل سندس اڳڪٿي موجب هن وقت هوءَ گهڻي خوش ناهي شايد تڏهن پنهنجو موڊ بهتر ڪرڻ لاءِ چترال جي دوري تي آهي ۽ پنهنجي سس شهزادي ڊيانا جي نقش قدم تي هلي پئي پر شهزادي ڪيٽ لاءِ خوشخبري اها آهي ته ايندڙ سال 2020 هن لاءِ تمام گهڻو بهتر ثابت ٿيندو. هوءَ مشهور ته اڳ ۾ ئي آهي پر ايندڙ سال هن جي شهرت جو چرچو اڳي کان به اڳرو هوندو ڇو ته مشتري هن جي نالي واري خاني ۾ داخل ٿيندو جنهن سبب سندس عوامي مقبوليت ۾ واڌ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو