وفاق سان معاهدو ٿيو آهي ته اسانجي مرضي بنا ڪو ڪينال نه ٺهندو

وفاق سان معاهدو ٿيو آهي ته اسانجي مرضي بنا ڪو ڪينال نه ٺهندو

سکر (ن س )پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين روهڙي انٽرچينج وٽ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي اسانجو وفاق سان معاهدو ٿيو آهي ته اسانجي مرضي بنا ڪو ڪينال نه ٺهندو ان ڏس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلا سي سي آءِ ۾ ڪيا ويندا. هن ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اوهانجي پر امن ۽ جمهوري جدوجهد جي نتيجي ۾ ڪينال رٿا تي ڪم بند ٿيو آهي. جلسي ۾ 25 هزار کان وڌيڪ ڪرسيون لڳايون وين هيون. پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ۾ ڀارت کي به خبردار ڪيو ته انڊس واٽر ٽريٽي تي عمل معطل ڪرڻ جو فيصلو غير قانوني آهي ۽ جيڪڏهن ڀارت اسانجو پاڻي روڪيو ته پاڪستان جا چارئي صوبا ڀارت سان جنگ ڪندا، جڏهن والاريل ڪشمير ۾ دهشتگردي جو واقعو ٿيو ته ڀارت پاڪستان تي الزام لڳايو،مودي پاڪستان تي ڪوڙا الزام لڳايا آهن، سکر ۾ هڪ ريلي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو هندستان کي جواب ڏيندي چيو ته “ٻڌو هندستان  سنڌو اسان جي آهي ۽ اسان جي رهندي، يا ته پاڻي وهندو يا انهن جو رت وهندو، بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) فيصلو ڪيو آهي ته عوام جي مرضي کانسواءِ نئون ڪينال نه ٺاهيو ويندو، سڀني صوبن جي رضامندي کانسواءِ ڪينال نه ٿا ٺاهي سگهجن، اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته توهان جي رضامندي کانسواءِ ڪو به نئون ڪينال نه ٺاهيو ويندو،پي پي پي چيئرمين چيو ته سنڌ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پنهنجا اعتراض اٿاريا آهن. سنڌ حڪومت جولاءِ کان پاڻي جي مسئلي تي اعتراض اٿاري رهي آهي. جلسي کي مقامي اڳواڻن ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه به خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو