وفاق پاران سنڌ کي رٿائن لاءِ مڪمل رقم وقت تي ڏيڻ جي خاطري

وفاق پاران سنڌ کي رٿائن لاءِ مڪمل رقم وقت تي ڏيڻ جي خاطري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار کي منصوبن لاءِ رقم مڪمل ۽ وقت تي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي.ملاقات دوران سنڌ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام ۾ شامل ترقياتي منصوبن جو تفصلي جائزو ورتو ويو. گڏجاڻي ۾ اتفاق ڪيو ويو ته منصوبا منظور ٿيل لاڳت ۽ مقرر وقت تي مڪمل ٿيڻ سنڌ جي ترقي ۽ عوامي ڀلائيءَ لاءِ اڻٽر آهي. نائب وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت سمورن منظور ٿيل منصوبن لاءِ فنڊن جي مڪمل ۽ وقت سر فراهمي يقيني بڻائيندي. اسحاق ڊار چيو ته منصوبن جي لاڳت ۾ ڪنهن به اضافي تي سي ڊي ڊبليو پي ۽ اي سي سي ۾ فوري طور غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو