ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ سسئي پليجو چيو آهي ته وفاق سنڌ کي ڪالوني نه سمجهي، سنڌ ملڪ جي معاشي ساهه واري رڳ آهي، سنڌ جي معيشيت تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ بابت مصدق ملڪ جي بيان تي رد عمل ڏيندي سسئي پليجو چيو ته مصدق ملڪ سنڌ کي ڀت سان لڳائڻ جون ڳالهيون نه ڪري، پاڻي معاهدي تحت سنڌ ۾ پاڻي نٿو پهچي. سندس چوڻ هو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ واري اڏامي پئي، مصدق ملڪ ڪينالن بابت ڪوڙا بيان ۽ غلط بناني ڪئي. پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ سسئي پليجو چيو ته سنڌ جو عوام ڪينالن جي معاملي تي پيپلزپارٽي کان مطالبو ڪري رهيو آهي ته جيڪڏهن ن ليگ نٿي مڃي ته آخري وڌو فيصلو ڪيو. هن چيو ته وفاق سنڌ کي ڀت سان نه لڳائي پر ملڪ کي مضبوطي سان جوڙي رکي ۽ عوام دوست انصاف تي ٻڌل فيصلا ڪري. پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ سسئي پليجو چيو ته جڏهن سسٽم ۾ پاڻي ئي موجود ناهي ته پنجاب ڪيئن ڪينال ڪڍي سگهي ٿو، مطلب ته سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو ويندو، سنڌ ۾ پيئڻ ۽ زراعت لاءِ پاڻي جي سخت کوٽ آهي.










