اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ چار نوان وزير شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ۾ مسلم ليگ (ن) جي حنيف عباسي ۽ طارق فضل چوڌري، بلوچستان عوامي پارٽي جي خالد مگسي ۽ متحده قومي موومينٽ جي مصطفيٰ ڪمال کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب نون وزيرن جي حلف برداري تقريب 27 فيبروري تي ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته حنيف عباسي کي ريلوي واري وزارت ۽ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري کي قومي صحت واري وزارت جو قلمدان ڏيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته خالد مگسي کي مواصلات ۽ مصطفيٰ ڪمال کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وزارت ڏئي سگهجي ٿي.سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت هن وقت خالد مقبول صديقي وٽ آهي، جنهن وٽ وفاقي تعليم واري وزارت جو قلمدان پڻ آهي.ذريعن موجب وفاقي تعليم جو قلمدان خالد مقبول صديقي وٽ رهندو.










