وزيراعظم ۽ ن ليگ جي صدر نوازشريف وچ ۾ ملاقات

وزيراعظم ۽ ن ليگ جي صدر نوازشريف وچ ۾ ملاقات

لاهور (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهبازشريف ۽ ن ليگ جي صدر نوازشريف وچ ۾ ملاقات ٿي آهي.وزيراعظم شهبازشريف ۽ نوازشريف وچ ۾ ملاقات جاتي امرا رائونڊ ۾ ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ذريعن موجب وزيراعظم شهبازشريف، آزاد ڪشمير ۾ حڪومت جي تبديلي ۽ پ پ جي مطالبن بابت نوازشريف کي آگاهه ڪيو.وزيراعظم پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهين ۽ ٽياڪڙ ملڪن جي ڪوششن تي به نوازشريف کي اعتماد ۾ ورتو.ملاقات دوران پنجاب ۾ ننڍي چونڊ بابت حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون ويون.نوازشريف عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي منصوبن کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪئي.ملاقات ۾ قومي ۽ اندروني سلامتي بابت معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو