ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير توانائي سيد ناصر حسين شاهه بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان وزيراعظم پاڪستان ميان شهباز شريف کي اپيل ڪئي آهي ته رمضان ۾ گئس بند نه ڪئي وڃي. مارچ ۾ سردي جي موسم ختم ٿيڻ جي باوجود گئس جي لوڊشيڊنگ ڇو ٿي رهي آهي؟ وفاقي حڪومت کي ان جو فوري طور تي نوٽيس وٺڻ گهرجي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته رمضان المبارڪ دوران بجلي جي بنا ڪنهن وقفي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪي-اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو کي پنهنجا انتظام بهتر بڻائڻ گهرجن. هن چيو ته رمضان المبارڪ ۾ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ نه ٿيڻ گهرجي، عوام کي پريشان نه ڪيو وڃي، عوام کي تڪليف نه ٿئي، بجلي ۽ گئس جا وفاقي کاتا پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن. هن چيو ته اسان رمضان ۾ لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو چاهيون ٿا. سيد ناصر حسين شاهه وفاقي حڪومت کان اپيل ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران بجلي ۽ گئس جي مسلسل فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عوام کي ڏکيائي ۾ نه وڌو وڃي. وفاقي حڪومت پنهنجن سڀني کاتن کي پابند ڪري ته رمضان المبارڪ دوران عوام کي سهولت فراهم ڪئي وڃي.










