اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان سينيٽ اليڪشن ۾ شڪست بعد اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي حڪومتي ترجمانن سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هنن چيو ته اسانجي عورت اميدوار کٽي وئي ۽ حفيظ شيخ هارائي ويو، اهو ثابت ٿي ويو ته گيلاني لاءِ ووٽ خريد ڪيا ويا ۽ اسانجو خدشو درست ثابت ٿيو آهي. هنن عدم اعتماد جي ووٽ وٺڻ جو ڏينهن ته نه ٻڌايو پر چيو ته جلد هو اعتماد جو ووٽ حاصل ڪندو.










