وزيراعظم جو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي فون

وزيراعظم جو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي فون

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻوڏ متاثرن جي ريسڪيو ۽ رليف لاءِ پاڪ فوج جي سهڪار ۽ جذبي جي واکاڻ ڪئي.آرمي چيف وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ کي بلوچستان ۾ امدادي ڪاررواين جي حوالي سان خاص هدايتون جاري ڪيون آهن. آرمي چيف پاڪ فوج طرفان سنڌ ۾ امدادي ڪاررواين ۾ ڀرپور سهڪار بابت آگاهه ڪيو.وزيراعظم چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز سان به ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.وزيراعظم سنڌ ۾ رستن ۽ پلين جي تباهي سبب هيلي ڪاپٽرز جي فراهمي جون هدايتون ڪيون.هيلي ڪاپٽرز جي استعمال سان ريسڪيو ۽ رليف جي فراهمي ۾ ڏکيائيون ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو