راولپنڊي (بيورو رپورٽ) وزارد دفاع جي انتظاميه راولپنڊي کان اغوا ٿيندڙ ڪرنل (ر) انعام الرحيم کي پنهنجي تحويل ۾ رکڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ڪرنل ريٽائرڊ انعام الرحيم جي وڪيل گم ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي جسٽس مرزا وقاص روئوف ڪئي. ٻڌڻي دوران وزارت دفاع جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته ڪرنل ريٽائرڊ انعام الرحيم اسان وٽ آهي جنهن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي. انعام الرحيم جي وڪيل چيو ته وزارت دفاع يا ڪنهن ٻئي اداري کي انعام الرحيم کي پاڻ وٽ نه ٿي رکي سگهي. لاهور هاءِ ڪورٽ پنڊي بينچ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته ڪرنل ريٽائرڊ انعام الرحيم گم ٿيل ماڻهن متعلق ڪيسن جي پيروي ڪري رهيو هو جنهن کي 16 ڊسمبر تي راولپنڊي ۾ واقعي ان جي رهائشگاهه کان اغوا ڪيو ويو هو. انعام الرحيم جي پٽ حسنين انعام ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 16 ڊسمبر جي رات ساڍي 12هين وڳي عسڪري 14 ۾ واقع ان جي گهر جي گهنٽي وڳي ۽ جڏهن هن دروازو کوليو ته ڪارا ڪپڙا پاتل 8 کان 10 هٿياربند ان جي گهر ۾ گهڙي آيا. حسنين انعام مطابق اهي ماڻهو منهنجي والد کي هٿيارن جي زور تي زبردستي گاڏي ۾ کڻي هليا ويا ۽ ڌمڪي به ڏني ته جيڪڏهن ڪرنل ريٽائرڊ انعام الرحيم جي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي ته ان جي خراب نتيجا نڪرندا.










