ورڪس کاتي ٿيندڙ ڀرتين جي آرڊر جعلي قرار،ترجمان جي ترديد

ورڪس کاتي ٿيندڙ ڀرتين جي آرڊر جعلي قرار،ترجمان جي ترديد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ورڪس اينڊ سروسز کاتو حڪومت سنڌ جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ اسدالله ۽ عبدالقيوم جي مقرري جي آرڊر جون ڪجهه خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن. ترجمان واضح ڪيو ته اهي مقرري جا آرڊر مڪمل طور تي جعلي آهن ۽ اهڙو ڪو به مقرري وارو آرڊر ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ آف سنڌ حڪومت طرفان جاري نه ڪيو ويو آهي ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ مٿي ڄاڻايل ڪوڙيون خبرون ڦهلايون پيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو