واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)دنيا جي مقبول ترين پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ عمر جي حد گهٽائي ڇڏي آهي. واٽس ايپ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪمپني برطانيا ۽ يورپ ۾ واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر جي حد 16 سال مان گهٽائي 13 ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ يورپ ۽ برطانيا واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ وهپيدارن جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 16 سال هئي جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ اِها شرط 13 سال هئي. ڪمپني طرفان پاليسي ۾ ڦيرڦار کانپوءِ هاڻ سموري دنيا جي واهپيدارن لاءِ واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ عمر جي حد 13 سال مقرر ڪئي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي جيتوڻيڪ عمر واري پاليسي تي نظرثاني ڪئي وئي آهي پر واٽس ايپ ۾ ڪا به ڦيرڦار نه ڪئي ويندي. بيان موجب، ڪمپني يورپي يونين جي ٻن نون ظابطن تحت پنهنجي شرطن ۽ پرائيويسي پاليسين کي اپ ڊيٽ ڪري رهي آهي.










