لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته هڪ مهيني دوران موثر حڪمت عملي ذريعي ڪڻڪ جي مد ۾ 55 ارب رپيا بچيا ويندا.پنجاب جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪڻڪ بابت ڪابينا جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪڻڪ جي رليز پاليسي، ڪوٽا جاري ڪرڻ، موجوده ذخيرن ۽ ضرورتن جو جائزو ورتو ويو.اجلاس دوران سيڪريٽري خوراڪ ۽ ڊائريڪٽر فوڊ ڪڻڪ جي ذخيرن ۽ ضرورتن بابت آگاهي ڏني.ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير چيو ته مالياتي نظم و ضبط تي عمل سان وڌيڪ 2 ارب جي بچت ٿي آهي، راولپنڊي سميت وڏن شهرن ۾ ڪڻڪ جو ڪوٽا وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته پنجاب زرعي صوبو آهي، هو ڪڻڪ جي پيداوار ۾ خود ڪفالت جي پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهن، هارين کي ڪڻڪ جي وڌيڪ پيداواري ٻج جي استعمال بابت آگاهي ڏني وڃي.پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي چيو آهي ته عوام کي اٽي جي فراهمي ۾ ڪابه رڪاوٽ نه ٿيڻ گهرجي.










