بوزداروڏا (حسين ٽانوري)بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ ڊولپمينٽ بورڊ گورنمنٽ آف سنڌ جي تعاون سان گيلڪسي انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ مختلف فني ۽ هنري سکيائن جي پروگرامز جو افتتاح پ پ اڳواڻ ۽ يوسي ٽالپروڏا جي چيئرمين رئيس عقاب خان راڄپر ڪيو ان موقعي تي پريس ڪلب بوزداروڏا جو صدر امجد ٽانوري , پ پ اڳواڻ معشوق ڏهر ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا جنهن بعد سينٽر ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ آفر آرڊر ۽ ٽريننگ جو مٽيريل ورهايو ان موقعي تي پ پ اڳواڻ رئيس عقاب خان راڄپر چيو ته اسان جي ڳوٺاڻي علائقي ۾ اهڙا پروگرامز ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهن هن پروگرامز ۾ نياڻيون ۽ شاگرد مفت ۾ تعليم ۽ گڏوگڏ 2500 وظيفو پڻ حاصل ڪري سگهندا جنهن بعد رئيس عقاب خان راڄپر اسٽچنگ ۾ پڙهندڙ شاگردياڻين لاء پنج عدد مشينن جو اعلان ڪيو










