ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هر عورت جي آواز کي ٻڌو وڃي، ان جي قدر ڪئي وڃي ۽ ان جو احترام ڪيو وڃي.عورتن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صنفي برابري انصاف ۽ جمهوريت جو بنيادي اصول آهي، ۽ مادر ملت فاطمه جناح جي جدوجهد اميد جي روشن علامت آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو بيگم نصرت ڀٽو جي قربانين ۽ همت کي سلام پيش ڪري ٿو، شهيد بينظير ڀٽو عورتن لاءِ قيادت جا دروازا کوليا.هن چيو ته عورتن جي برابر حقن کانسواءِ سماج جي ترقي ممڪن ناهي، اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي جتي عورتون محفوظ محسوس ڪن.










