هاڻي ڪنهن به سياسي اتحاد جو حصو نه بڻجنداسين؛ سراج الحق

هاڻي ڪنهن به سياسي اتحاد جو حصو نه بڻجنداسين؛ سراج الحق

لاهور (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي جي امير ۽ سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ايندڙ وقت ۾ ڪنهن به سياسي اتحاد جو حصو نه بڻجنداسين. سراج الحق پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت جي خواهش آهي ته ان کي شهادت جو رتبو ملي حالانڪه موجوده حڪمرانن کان وڌيڪ شايد ٻيو ڪو غير سنجيدهه هجي. آرمي چيف متعلق فيصلي تي سراج الحق جو چوڻ هو ته ان باري ۾ ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو ڇاڪاڻ ڏسجي ته حڪومت آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ بابت ڪيترو اهليت رکي ٿي پي ٽي آءِ حڪومت جو ڪو به موڊ ناهي جو هو ڪنهن افهام و تفهيم سان مسئلي جو حل ڪڍي ۽ هاڻي ته انهن جي چهري تان لڳل سرخي پائوڊر به لهندي پئي وڃي. حڪومت تي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي سراج الحق وڌيڪ چيو ته انهن جي نالائقي جي ڪري محسن اداري کي بدنام ڪيو ويو هي حڪومت فيصلا پهرين ڪندي آهي ۽ پوءِ سوچيندي آهي هر گذرندڙ ڏينهن هنن جي ناڪامي ثابت ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌندي پئي وڃي ۽ اها ئي صورتحال رهي ته عام ماڻهو جو زندهه رهڻ مشڪل بڻجي ويندو. جماعت اسلامي جي ايندڙ سياسي لائحه عمل جي حوالي سان ڳالهائيندي سينيٽر سراج الحق جو چوڻ هو ته جماعت اسلامي ايندڙ وقت ۾ ڪنهن به اتحاد جو حصو نه بڻجندي.

پهنجو تبصرو موڪليو