لاهور (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف اڱاري ڏينهن ٻاهرين ملڪ علاج لاءِ روانو ٿيندو. پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ ۾ هن چيو ته نوازشريف کي کڻي ويندڙ ايئر ايمبولنس آگاري ڏينهن صبح جو پهچندي. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته اسٽيرائڊ جي هاءِ ڊوز ڏيڻ جو عمل جاري آهي ته جيئن پليٽليٽس جي مقدر سفر ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي. هن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن محمد نوازشريف جو اڄ صبح ٻيهر تفصيلي معائنو ڪيو آهي. ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نوازشريف جي ذاتي ڊاڪٽر عدنان چيو آهي ته نوازشريف کي 48 ڪلاڪن اندر علاج لاءِ روانو ٿي ويندو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن ٻڌايو آهي ته نوازشريف سفر لاءِ طبي طور صحتياب ٿيندو ته پوءِ ان کي علاج لاءِ لنڊن روانو ڪيو ويندو. ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي لنڊن روانگي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. هو قطر جهاز جي ايئر ايمبولينس ذريعي حج لائونج کان لنڊن روانو ٿيندو جڏهن ته نوازشريف کي جاتي امرا کان ايمبولينس ذريعي حج ايئرپور کان لائونچ تائين پهچايو ويندو. ذريعن مطابق عدالتي حڪم کان پوءِ مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف علاج لاءِ لنڊن روانگي جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ان سان گڏ سو ايوي ايشين انتظاميه علامه اقبال ايئرپورٽ جي حج لائونچ کان ايئر ايمبولنس جي روانگي جا انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا آهن. نوازشريف کي لنڊن کڻي ويندڙ جهاز ۾ آڪسيجن سلنڊر، ڊاڪٽر، پيراميڊيڪل اسٽاف، وينٽي ليٽر سميت آئي سي يو واريون سڀ سهولتون موجود هونديون. ڪنهن به هنگامي صورتحال تي ڪنهن به ملڪ ۾ پرواز دوران نوازشريف جي طبيعت خراب ٿيڻ جي صورت ۾ جهاز لينڊ ڪري سگهندو. نوازشريف لاءِ پليٽ ليٽس جا 4 پيڪيٽ به رکيا ويندا ۽ ايمرجنسي ۾ ٿيندڙ ٽيسٽن جي سهوليت ميسر هوندي. نوازشريف سان گڏ شهباز شريف، ڊاڪٽر عدنان ۽ متوقع طور جنيد صفدر به گڏ روانا ٿي سگهن ٿا. سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان عملي جي حج لائونج مقرري جو شيڊول به جاري ڪري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي جي حوالي سان فورس، ايف آءِ اي، ايئرپورٽ سيڪيورٽي، اميگريشن، ڪسٽم، اي اين ايف به پنهنجا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ نوازشريف جي علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيندي حڪومت کان نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت نوازشريف جي علاج لاءِ 4 هفتن لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ سان گڏ اهو به چيو هو ته جيڪڏهن نوازشريف جي طبيعت ۾ بهتري نه آئي ته ان کي ڏنل مهلت ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي.










