اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ چونڊن ۾ اپ سيٽ ڪرڻ کانپوءِ حڪومت کي وڌيڪ ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم جَي ٽن وڏن ۾ صلاح مشورا، اڳوڻي صدر آصف زرداري جا اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان فون تي رابطا، ذريعن موجب آصف زرداري سينيٽ چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني جي حمايت ڪرڻ تي ٻنهي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، نواز شريف ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه فضل الرحمان سان فون تي رابطو ڪيو، ان دوران ٽنهي اڳواڻن طرفان وزيراعظم عمران خان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي، ذريعن موجب آصف زرداري سينيٽ اليڪشن ۾ يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي يقيني بڻائڻ تي ٻنهي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا، اڳوڻي صدر، فضل الرحمان کي چيو ته يوسف رضا گيلاني اسان جو گڏيل اميدوار هو، ان جي ڪاميابي پي ڊي ايم جي ڪاميابي آهي، هن اتحاد سان عمران خان کي جلد اقتدار کان ٻاهر ڪنداسين، ان موقعي تي آصف زرداري چيو ته حڪمت عملي سان حڪومتي طاقتور اميدوار کي شڪست ڏني آهي، هاڻي اتحادين جي مشاورت سان چيئرمين سينيٽ جي اميدوار جو فيصلو ڪنداسين. آصف زرداري جو چوڻ آهي ته حڪومتي ميمبرز اسان سان رابطي ۾ آهن ۽ حڪومت کان تنگ آهن. ذريعن موجب ٽنهي اڳواڻن پي ڊي ايم جي مستقبل جي حڪمت عملي ۽ لانگ مارچ جي تيارين جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي.










