ننگرپارڪر (ن س )ننگرپارڪر پوليس پاران ٻه ناياب نسل جا هرڻ شڪار ڪري کڻي ويندڙ ٻن شڪارين کي گرفتار ڪري هرڻ ۽ گاڏي تحويل ۾ وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. رابطو ڪرڻ تي وائلڊ لائيف کاتي جي ڊپٽي ڪنزويٽر مير اعجاز ٽالپر سنڌ ٽي وي نيوز کي ٻڌايو ته ڳوٺاڻن اطلاع ڏنو آهي، وائلڊ لائيف کاتي جي ٽيم رواني ٿي وئي آهي.ڳوٺاڻن سردار سنگهه ورڻ، رڻجيت سروپ سنگهه ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ٻه ناياب نسل جا هرڻ شڪار ڪري کڻي ويندڙ ٻن شڪارين کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته گاڏي ٿاڻي تي موجود آهن پر هرڻ ۽ شڪاري ظاهر ناهن ڪيا ويا. ڳوٺاڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته پوليس هرڻ آزاد ڪري جهنگ ۾ نه ڇڏيا ۽ شڪارين جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي ته احتجاجي مظاهرو ڪيو ته هو ٿر جي سونهن ناياب هرڻ شڪارين حوالي ٿيڻ نه ڏيندا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪابه گرفتاري ناهي ڪئي نه ئي هرڻ هٿ ڪيا آهن










