مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو: هاءِ ڪورٽ

مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو: هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج ريمارڪس ڏنا آهن ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو. جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون 31 ڊسمبر تي ڪرائڻ جي پي ٽي آءِ جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي اختيارين ٻڌايو ته مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن يونين ڪائونسل جو انگ وڌائڻ سان چونڊون ملتوي ڪيون ويون.جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي. اهو ٻڌايو وڃي ته ڇا وفاقي حڪومت پهريان ستل هئي. اسان ڇو نه ايڊمنسٽريٽر جي پاور کي ئي معطل ڪري ڇڏيون. ايڊمنسٽريٽر صرف مڪاني کاتن جا فنڊ استعمال ڪري رهيا آهن. نه گذريل حڪومت نه ئي هي حڪومت مڪاني چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي. ننڍي شهر جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي. شهر جي يوسيز جو انگ 125 آهي اهو ڀلي 250 ڪري ڇڏيو پر ان سان فرق نٿو پوي. هنن سپريم ڪورٽ ۾ حلف نامو به جمع ڪرايو پوءِ به چونڊون نه پيا ڪرائين اهو توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو. پي ٽي آءِ جي وڪيل ٻڌايو ته 3 چيئرمين ۽ 50 ميمبر بنا چونڊن جي چونڊجي چڪا آهن جيڪي بنا چونڊن جي چونڊجي آيا آهن انهن جي سڃاڻپ ڇا آهي. ٻن سالن کان هنن شهر کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي. اليڪشن ڪميشن جو اهو ڪم ناهي هوندو ته حڪومت طرف ڏسي اوهان کي چونڊون ڪرائڻيون هونديون آهن. آزادانه لوڪل باڊيز جو فنڊ، سي ڊي اي ۽ ايڊمنسٽريٽر ڇو استعمال ڪري؟ سي ڊي اي وٽ ڪوبه اختيار ناهي ته هو لوڪل گورنمنٽ جو فنڊ استعمال ڪري. ماڻهن کي هتي پيئڻ لاءِ پاڻي نه پيو ملي شهر جو ڪهڙو حال ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته صدر عارف علوي به اڃان تائين صحيحون ناهن ڪيون ان جي باوجود اليڪشن ڪميشن اڳ ئي سمجهي ورتو ته اهو قانون بڻجي چڪو آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته چونڊ شيڊول اچڻ کان پوءِ ڇا يونين ڪائونسل جو انگ وڌائي سگهجي ٿو. وفاقي حڪومت ته ڪڏهن به اليڪشن ڪميشن کي درخواست ناهي ڏني. سوال اهو آهي ته اهي شهري بنا چونڊيل نمائندن جا آهن.ايڊيشنل اٽارني جنرل دليل ڏنا ته چئني صوبن ۾ ساڳيو ڪم آهي. بنا چونڊيل نمائندن جي هلي رهيا آهن ڪنهن به حڪومت جي 19 ڊسمبر واري نوٽيفڪيشن کي چئلينج ناهي ڪيو.جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته آرڊيننس ڇو ٿا جاري ڪريون، جڏهن اسيمبلي جو اجلاس هلي رهيو هجي ۽ اوهان اسيمبلي نه هلائي سگهو ته پوءِ اتي ويهڻ جو فائدو ناهي. هنن 39 آرڊيننس جاري ڪيا ڇا هنن هتي آرڊيننس جي فيڪٽري لڳائي آهي.عدالت اليڪشن ڪميشن کان پڇاڻو ڪيو ته هاءِ ڪورٽ جو آرڊر هو ته اليڪشن ڪميشن ڌرين کي ٻڌي فيصلو ڪري. اليڪشن ڪميشن ڪيئن لکي ڇڏيو ته هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي هئي ته چونڊون ملتوي ڪيون وڃن. ڇا اهڙي صورتحال ۾ اسان اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي سگهون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو