مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ٻن مهينن کان پاڻي جي فراهمي بند

مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ٻن مهينن کان پاڻي جي فراهمي بند

اسلام ڪوٽ (ن س)مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ هڪ لک کان وڌيڪ آبادي کي مٺي پاڻي جي فراهمي 2 مهينن کان معطل آهي. ان حوالي سان شهري جو چوڻ آهي ته مختلف ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جو سخت بحران آهي، ۽ اهي دور دراز قديم کوهن ۽ بور هولن مان پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن. مٺي جي چيف ميونسپل آفيسر موجب، نوڪوٽ رن برانچ مان پاڻي مٺي ۽ اسلام ڪوٽ تائين پهچندو آهي، پر نوڪوٽ رن برانچ مان مٺي کي پاڻي جي فراهمي بند آهي. انهن جو چوڻ آهي ته خالي اسٽوريج ٽينڪ جي ڪري مٺي ۽ اسلام ڪوٽ کي پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي آهي.آبپاشي کاتي جي انتظاميا 4 کان 5 ڏينهن اندر پاڻي جي فراهمي جي يقين دهاني ڪرائي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو