لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي استعيفيٰ جي تصديق لاءِ نئين حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ٻه ڏينهن اڳ اعلان ڪيو هو ته سندس پارٽي جا ميمبر قومي اسيمبلي جي استعيفيٰ جي تصديق لاءِ سومر تي اسپيڪر وٽ پيش ٿيندا.جڏهن ته هاڻي پي ٽي آءِ ذريعن ٻڌايو آهي ته پارٽي چيئرمين نئين حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ 28 ڊسمبر تي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جو به امڪان آهي ته پي ٽي آءِ جا ميمبر قومي اسيمبلي جي استعيفيٰ جي تصديق لاءِ سڀاڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف آڏو پيش نه ٿيندا.










