موضوع جي ڳولا ۽ وسون جا واچوڙا

عائيشه نور احمداني

ڪنهن به موضوع تي قلم کڻڻ کان پھريان اسين ان موضوع بابت سنجيدگيءَ سان کوجنا ڪندا آھيون جئين ان موضوع سان وابسته ھر ھڪ عنصر کي آسودگي سان بيان ڪري سگھون ۽ ھي گڻ ھڪ ليکڪ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري ٿو. مون ٻن آڱرين جي وچ ۾ قلم کي قابو ڪري ڪاڳر جي سيني تي لفظن جو ٻج پوکڻ ٿئي چاھيو، پر الائي ڇو وسون جا پکي ٻج کي ٻوٽو ٿيڻ کان اڳئي ئي چڳي ٿئي ويا ائين لڳو ٿئي ڄڻ قلم لفظن جو وزن نه ٿئي کڻي سگھيو، وسون جا واچوڙا مونکي جائي حاضر کي ڏور کڻي ٿئي ويا، آ خر ڇا ۽ ڇا تي لکجي آئون بلڪل لکڻ جي ڪيفيت ۾ ھئس پر تلاش موضوع ۾ مشغول ھئس ۽ جڏهن ھڪ ليکڪ اھڙي حالت مان گذري ته يقينن لفظن جو بار کڻڻ مشڪل ٿي پوندو آهي آخرڪار مون فيصلو ڪري ورتو ته ڪجهه لکڻ شروع ڪريان ٿي ائين ئي مون ڪاغذ تي الر مس ڪئي ته لفظن جو ڪبوتر منھنجي تخيل جي خزاني جي در تي اچي ويٺو جنھنکي مون مال غنيمت سمجھي پنھنجي ڪيفيت سان ڳنڍي ڇڏيو مون ٿورو ئي مس لکيو ته لفظن جو مونھن چڙچڙي محبوب جيان ٿي ويو، مون لفظن کي بلڪل ائين ئي آزيون ڪيون جئين ناراض محبوب کي ڪبيون آهن، اخر مون لفظن کي قابو ڪري بارش جي انھن وڏڦڙن تي لکڻ لڳس جيڪي ڌرتي تي ڪرندا آھن ته ھڪ  من موهيندڙ ھڳاء ايندو آهي  پر منھنجي ذھن ۾ ھڪ گمان ڪر کڻي بيٺو ته بارش جو ھر بوند غريب ڪڙمين جي گھر کي ڪمزور ڪندو آهي ڀلا اھا حسناڪي به ڪھڙي ڪم جي جيڪا وڌڻ سان ھاڃيڪار ٿئي انڪري منھنجي لفظن سندس حسن جي ترجماني کان نابري واري ڇڏي وري سوچڻ لڳس ته بھار جي وڻندڙ موسم تي لکجي جنھن کي محبوب جي ڳلن جا موھانڊا  آھن،  لکڻ لاءِ قلم کي ڪاغذ طرف وڌائڻ لڳس ته لفظن احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو ته بھار جي ھوا جي سڳنڌ اھڙي ت پرڪشش آھي جو وڻن جا پن پنھنجي وجود کان جدا ٿي ڪري پون ٿا، انڪري پرڪشش شين تي لکڻ قلم کي ايذاء ڏيڻ آھي وري سوچيم ته ڇو نه فائيو اسٽار ھوٽل جي ٻاھر ويٺل ان پنجن سالن جي ٻاتڙي ٻار تي لکان جنهن جي خواهش صرف ايتري آھي ته ردي ۾ اڇلڻ وارو کاڌو کيس ڏنو وڃي جئين ان سميت گھر جا ڀاتي ڪلھ رات جيان بک ته نه سمھن پر ڪھڙو فائدو جڏهن ته دنيا جي ھر مذھب انسانيت جون آخري رسمون ادا ڪري ڇڏيون ھجن،  ھڪ ليکڪ ته سڀ ڪجهه لکي سگھي ٿو پر دردن جي ترجماني لاءِ مضبوط ڪلھا گھرجن جيڪي مفلسي جو وزن کڻي سگھن، انڪري آئون ايتري صلاحيت نٿي رکان  پر ڇا ڪجي انھن ڪيفيتن جو جيڪي من کي منجھائي  وجھن ٿا، مون قلم کي ميز تي رکي ڀر ۾ پيل پاڻي جو گلاس کڻي ٻه ڊڪ پاڻي جا پيتا ۽  وري قلم کڻي آڱرين م ڦيرڻ لڳس ۽ ذھن کي موضوع جي کوجنا ۾ لڳائي ڇڏيو  ذھن مونکي اولڊ ھائوس ڏانهن وٺي ويو جتي  پوڙھا بزرگ ماڻهو ڪچھري ۾ مشغول ھئا جن جو موضوع ھو ته ڪنھن جي اولاد ڪيتري ترقي ڪئي آهي  آئون دنگ رھجي ويس ته ھنن پوڙهن ماڻھن ھزارين مشقتون  سر تي سھي پنھنجي اولاد کي پيرن تي بيهاريو ۽ انھن خود غرضن  وٽ ايترو وقت ناھي جو والدين جو خيال  رکي سگھن انڪري پنھنجي والدين کي اولڊ ھائوس جي حوالي ڪري ويا ۽ ھتي ھي پوڙھا ماڻهو آهن جيڪي پنھنجي پرسن ۾ اڃان تائين پٽن جا فوٽو رکيون ويٺا آهن.  مون ذھن کي  اولڊ ھائوس کان ٻاھر ڪڍي شھر جي تڙپڪڙ واري ماحول ۾ ڀٽڪڻ لڳس جتي ڪو ڪنھن سان ته ڪو ڪنھن سان وڙھي رھيو ھو پر ھڪڙي ڳالھ مونکي پريشان ڪري وڌو ته وڙھن مرد پيا پر گاريون انھن جي عورتن کي ملي رھيون ھيون  شايد ھن معاشري ۾ عورت جو تصور سيڪس سان جڙي ٿو ۽ بنا نڪاح جي سيڪس گٿو ڪم آهي تڏهن مرد ھڪ ٻئي کي عورتن تي گاريون ڏيندا آهن  شايد انھن جي سوچ عورت کي ان ڪم لاءِ تصور ڪري ٿي.  ڀلا ان تي ڇا لکڻ جن کي لکڻ پڙهڻ سان ڪڏھن ڪو غرض ئي نه رھيو ھجي، شھر جي شور ۾ ڀٽڪندي منھنجي  نظر ميونسپالٽيءَ جي وڏي عمارت تي پئي جنھن جي دروازي جي ساڄي پاسي ھڪ وڏو ڪچري جو ڍير مليو جتي ڪتن جو ھجوم ھو مون ڪتن کي ھڪل ڪئي ته اھي بڄي ويا ۽ جڏھن آئون ان جاءِ کي ويجھو ٿيس ته اتي ھڪ پيڪ ٿيل پاچڪو مليو مان کولڻ کان اڳ ميونسپالٽيءَ آفيس جي اندر ويس ته اتي ھڪ ڪارو متارو شخص ويٺي وات ۾ گھٽڪو چٻائي رھيو ھو ته مون کائنس پڇيو  ادا ٻاھر گنڌ جي ڍير تي پيڪ ٿيل ھڪ پاچڪو پيو آهي جنھن مٿا بار بار ڪتا ھجوم ڪري رھيا آھن  انڪري اوھان جي ضرورت آهي، ھن ھمراھ جواب ۾ ڪجهه چيو پر وات ۾ گھٽڪو ھجڻ جي ڪري آئون صحيح سان سمجھي نه سگھيس  ھن کي ٻيھر ٻڌائڻ لاءِ چيو ته ان گھٽڪو پاسي ۾ ٿڪي چيو ته ادي منھنجو ڪم اھو ڪونھن باقي ٻيو اسٽاف شھر جي صفائي لاءِ نڪتل آهي، مونکي ان جي اھڙي قسم جي گفتگو ٻڌي جھجو غصو آھيو ۽ مان اتان ٻاھر نڪري پاچڪو کڻي اتي ئي آيس جتي ھو ھمراھ ويٺل ھو مون پاچڪو کوليو ته ھڪ گلن جھڙو ٻالڪ ظاھر ٿيو  مون ڦڙتائي سان کيس ٻاھر ڪڊيو ته ھو مري چڪو ھو مون فون ڪڍي ايڌھي سينٽر ۽ پوليس کي ڪال ڪري اطلاع ڏني ۽ ٻار کي ميونسپالٽيءَ جي حوالي ڪري اتان نڪتس ته منھنجي اک ھڪ بينڪ تي پئي جتي جھور جھڏيون پڪيون پوڙھيون پئسن وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيٺيون ھيون  شايد اھي سڀ فاڪاڪشي جا ماريل ھئا  ، ٿورو اڳتي وڌيس ته ھڪ زوردار آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته: “ همارا هي اعلان، روٽي ڪپڙا اور مڪان“ مون ذھن سان مشاورت ڪئي ته ڇو نه ان فرسوده نعري تي لکجي جيڪو حقيقت ۾ ھڪ ڏٽي کانسواءِ ڪجهه به ڪونهي تنھن تي منھنجي ذھن احتجاج ڪيو ته تون ننڊو آهين ۽ آھي وڏا آھن تھنڪري ئي ته انھن جو آواز زوردار آهي  ۽ اھي ايترا ته طاقتور آھن جو توکي تنھنجي قلم سميت  چيٻاٽي ڇڏيندا، آئون ذھن سان گڏ ڀٽڪيس پئي ته منھنجي ڪمري جو دروازو اوچتي زور سان کڙڪيو جنھن تي آئون تمام گھڻو ڊڄي ويس پر کير دروازو کوليو ته امان ھئي جيڪا سمھڻ جو چوڻ آئي ھئي، امان جو چوڻ ڪندي بستر تي ليٽي پيس ۽ موضوع تلاش ڪرڻ لڳس  ۽تلاش ڪندي ننڍ پئجي ويس.

پهنجو تبصرو موڪليو