ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ موسمي حالتن جي ڪري فلائيٽ آپريشن متاثر ٿيو آهي. فلائيٽ شيڊول موجب، قومي ايئر ڪراچي-لاهور پي ڪي 302 ۽ 303 جون 2 اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته اسلام آباد لاءِ 12، لاهور لاءِ 14 ۽ ڪراچي لاءِ 7 اڏامون پنهنجي آمد ۽ روانگي ۾ دير جو شڪار ٿيون آهن. استنبول جي پرواز ٽي ڪي 714، جيڪا ڪراچي ۾ لينڊ ڪئي هئي، لاهور لاءِ روانو ٿي چڪي آهي، جڏهن ته رياض کان اسلام آباد لاءِ پرواز پي ايف 769 کي ملتان ۾ لينڊ ڪيو ويو آهي. فلائيٽ شيڊول موجب، شارجه، راس الخيمه، ڪولمبو، دبئي، پيرس ۽ دوحا کان ايندڙ پروازن کي لاهور ۾ لينڊنگ ۾ ڏکيائيون پيش آيون.لاهور کان جده 12، رياض 6 ۽ ابو ظهبي لاءِ اڏامون 4 ڪلاڪ دير سان آيون.لاهور کان دوحا، دبئي، جده، ٽورانٽو، ابو ظهبي ۽ رياض لاءِ اڏامون به دير سان آيون. ايئرپورٽ ذريعن موجب، لاهور، اسلام آباد ۽ فيصل آباد کان پوءِ پشاور ۾ به طوفان جو سلسلو جاري آهي.










