ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) مورو ۾ احتجاج دوران گولين هلڻ، سياسي ڪارڪنن جي شهادت ۽ زخمين ٿيڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، ترجمان جي ڊي اي موجب جي ڊي اي هميشه پرامن سياسي جدوجهد تي يقين رکي ٿي،اسان ڪئنالن ۽ غير قانوني طريقي سان زمينن جي الاٽمينٽ کي منسوخ ڪرائڻ لاءِ جاري پرامن سياسي تحريڪ کي پرتشدد طريقي سان ناڪام بڻائڻ واري سازش جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، مورو واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث ماڻهن کي ظاهر ڪري انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جي ڊي اي جو درياءِ سنڌ تي نون ڪئنالن جي اڏاوت ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ بابت موقف بلڪل واضع آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ تبديل نه ٿيندو، جي ڊي اي سنڌ جي عوام جي آواز سان آواز ملائي، سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش کي رد ڪري ٿي.










