ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي ٿيلسيميا ڏينهن جي موقعي تي هن موروثي ۽ زندگي لاءِ خطرو بڻجندڙ بيماري بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو آهي.پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ٿيلسيميا نه رڳو مريض لاءِ پر سڄي خاندان لاءِ هڪ چئلينج آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي ٿيلسيميا جي مريضن جي زندگين کي بچائڻ لاءِ رت جو عطيو ڏين ۽ هن بيماري کي روڪڻ لاءِ شعور اجاگر ڪن.هن وڌيڪ چيو ته نئين نسل کي ٿيلسيميا کان بچائڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن موقعي تي، هن صحت جي شعبي ۾ جامع سڌارن جي عزم کي به ورجايو.مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ ٿيلسيميا جي علاج لاءِ جديد طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. سنڌ بلڊ ٽرانسفيوژن اٿارٽي موجب، صوبي جي 26 مرڪزن ۾ 9,525 مريض رجسٽرڊ آهن، جن مان گهڻا ٻار آهن.وڏي وزير اهو به چيو ته سنڌ حڪومت نادرا جي ڪورنگي ۽ صفورا سينٽرن ۾ ٿيلسيميا ۽ هيپاٽائيٽس جي مفت تشخيص لاءِ خاص ڊيسڪون قائم ڪيون آهن. ان کان علاوه، بيماري جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ شادي کان اڳ اسڪريننگ کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.وڏي وزير زور ڏنو ته تعليمي ادارن، ميڊيا پليٽ فارمن ۽ ڪميونٽي پروگرامن ۾ آگاهي مهمون جاري آهن. هن چيو ته ٿيليسيميا کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتي قدمن جي ضرورت آهي ۽ تجويز ڏني ته هڪ جامع اسڪريننگ پروگرام شروع ڪري بيماري جي پکيڙ کي گهٽائي سگهجي ٿو.مراد علي شاهه ٿيليسيميا کي منهن ڏيڻ ۾ والدين، استادن ۽ مذهبي اڳواڻن جي اهم ڪردار کي به اجاگر ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته صوبي ۾ عوامي آگاهي مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.










